عيد کانپوءِ کير 300 رپيا ڪلو ملندو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شهرين تي مهانگائي جو هڪ ٻيو بم ڪِرڻ وارو آهي.
ڊيري فارمز جو چوڻ آهي ته عيد کانپوءِ في ڪلو کير جي قيمت 300 رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڊيري فارمز موجب انڊسٽري تباهي ڪناري پهچي وئي آهي، ڪمشنر کي اگهه وڌائڻ لاءِ خط لکيو آهي.
ڊيري فارمز چيو ته هن وقت کير 220 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، 2025 ۾ به کير جي قيمت ۾ واڌ نه ڪئي وئي هئي، حڪومت کير جو اگهه نه وڌايو ته اسان پاڻ وڌائينداسين.
هوڏانهن ڊپٽي ميئر چيو آهي ته عوام کي کير مهانگو ڏنو ويو ته سخت ڪارروائي ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.