اسلام آباد (منيب فروق) ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ هاڻي هڪ گلوبل ڪرائسز بڻجي چڪي آهي. جيڪڏهن تيل جي ٺڪاڻن تي حملا جاري رهيا ته تيل جي پيداوار بند ٿي سگهي ٿي، جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 20 کان 25 ڊالر في بيرل وڌي ويندي. حڪومت وٽ هاڻي تيل جي اگهن ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ ڪو به رستو ناهي بچيو. جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ صورتحال نه سڌري ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون 400 روپيا في ليٽر تائين پهچي سگهن ٿيون. حڪومت ان طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهي آهي ۽ جلد ئي وفاقي ملازمن لاءِ ڪا رليف اسڪيم آڻي سگهي ٿي، پر عام ماڻهو تي مهانگائي جو وڏو بار پوندو.