جنگ کانپوءِ ايران جو نقشو تبديل ٿي ويندو: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جنگ کانپوءِ ايران جو نقشو شايد ائين نظر نه اچي، جيئن هاڻي آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران سان ڪنهن سمجهوتي جي ڳولا ۾ ناهي، اسان ايران ۾ اهڙو صدر چاهيون ٿا، جيڪو ملڪ کي جنگ ڏانهن نه وٺي وڃي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو اسان نٿا چاهيون ته ڪرد فورسز ايران ۾ داخل ٿئي.
آمريڪي صدر الزام هنيو ته ايران جي ايليمينٽري اسڪول تي حملو ايران پاڻ ئي ڪيو هو پر هن ان جو ثبوت نه ڏنو.
ڊونلڊ ٽرمپ اها به دعويٰ ڪئي ته تيل جا اگهه تيزيءَ سان هيٺ ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.