راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائيون ڪندي ڀارتي حمايت يافتا 13 دهشتگرد ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب 6 ۽ 7 مارچ تي سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاعن تي خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ 5 ڌار ڌار ڪارروائيون ڪيون، جن ۾ 13 دهشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته باجوڙ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ۾ 5 خارجي ماريا ويا، جڏهن ته بنون ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪارروائين دوران 3 خارجين کي ماريو يوو.
آءِ ايس پي آر موجب خيبر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ به جهڙپن دوران 5 خارجي مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ٿيو، اهي دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
You might also like