لنڊن ۾ ايران تي حملن خلاف وڏو احتجاجي مارچ

لنڊن (م  ڊ) لنڊن جي مرڪزي علائقي ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن خلاف احتجاجي مارچ ڪيو. ميٽروپوليٽن پوليس موجب، مظاهرين ملبينڪ کان ووڪس  هال ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني تائين پيادل مارچ ڪيو ۽ اسان عوام آهيون، اسان کي خاموش نٿو ڪري سگهجي ۽ بمباري هاڻي بند ڪريو جهڙا نعرا هنيا. رپورٽن موجب، خيراتي ادارن ۽ ايڪشن گروپن پاران ويسٽ منسٽر جي علائقي ۾ احتجاجي خيما پڻ لڳايا ويا آهن. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مارچ ۾ شريڪ ماڻهن جو انگ 5 کان 6 هزار جي لڳ ڀڳ هو، جيڪي علائقائي امن جي گهر ڪري رهيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.