پيٽرول جون وڌايل قيمتون واپس ورتيون وڃن: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيٽروليم  شين جي قيمتن ۾ 55 روپيا في ليٽر اضافي کي عوام   دشمن قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آھي ته تيل جون وڌايل قيمتون واپس ڪيون وڃن، ايندڙ دور وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪندو، مھانگائي وڌندي، ھڪ پاسي حڪومت چوي ٿي ته تيل پيو آھي، ان باوجود تيل مھانگو ڪري عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آھي، ھڪ ئي رات ۾ 55 روپيا تيل مھانگو ڪرڻ سان مارڪيٽ ۾ ھر شئي جي اگھه کي باھ لڳي وئي آھي، حڪومت ناجائز مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي، عيد مٿان ھجڻ ڪري منافعي خور مافيا ھر شئي مهانگي ڪري ڇڏي آھي، ھاڻ تيل مھانگو ٿيڻ ڪري وڌيڪ شيون آسمان تي پھچي وينديون، روزانو آئي ايم ايف جي خنجر سان عوام کي ماريو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.