جيترو وڻي زور لڳايو ۽ بندوقون تاڻيو، سنڌ ۽ بلوچستان کي نٿا ٽوڙي سگهو:اسد عمر

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي پريس ڪلب ۾ تقريب دوران اسد عمر ۽ عامر ضيا ملڪ ۾ نون صوبن ۽ مڪاني اختيارن بابت تقريرون ڪيون. عامر ضيا پنهنجي خطاب ۾ ڪراچي جي محرومين، مقامي حڪومتن جي ضرورت ۽ ان سان لاڳاپيل سياسي بحث ۾ موجود ”زهر“  تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هن جو بنيادي موقف آهي ته ڪراچي کي لساني يا الڳ صوبي جي بنياد تي ورهائڻ بدران، اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي ذريعي بااختيار بڻايو وڃي. عامر ضيا موجب، جڏهن به ڪراچي ۾ ڪو وڏو مسئلو ٿئي ٿو ته الڳ صوبي يا فيڊرل ٽيريٽري جا نعرا لڳن ٿا. اهڙا نعرا سنڌ ۾ هڪ تيز ورهاست ۽ نفرت وارو بيانيو پيدا ڪن ٿا، جيڪو اصل مسئلن تان ڌيان هٽائي ٿو. هن چيو ته ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ضرور ٿي رهيو آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ٻهراڙي واري سنڌ ۾ حالتون بهتر آهن. ٻئي علائقا هڪ ئي ڏک سان ڳنڍيل آهن. ڪراچي کي لساني بنيادن تي نه، پر هڪ شهري مرڪز طور ڏسڻ گهرجي جتي هر ٻولي ڳالهائيندڙ پٺاڻ، بلوچ، سنڌي، اردو ڳالهائيندڙ ساڳين مسئلن جو شڪار آهي. هن چيو ته ڪراچي صوبي کي 95 سيڪڙو ۽ ملڪ کي تقريبن 60 سيڪڙو روينيو ڏئي ٿو، پر بدلي ۾ سنڌ جي بجيٽ مان ڪراچي کي رڳو 1.1 سيڪڙو کن ملي ٿو، جيڪو زڪوات جي شرح کان به گهٽ آهي. هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت وفاق کان اختيار گهري ٿي، ته اها پاڻ اهي اختيار ضلعي ۽ شهر جي سطح تي منتقل ڇو نٿي ڪري؟  تقريب دوران اسد عمر پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي زور  ڏنو آهي ته رڳو نوان صوبا ٺاهڻ مسئلن جو حل ناهي، پر اصل طاقت عوام کي مقامي سطح تي منتقل ڪرڻ ۾ آهي. هن ملڪي سلامتيءَ کي اندروني اتحاد سان مشروط قرار ڏنو. اسد عمر چيو ته اوهان جيترو وڻي زور لڳايو، جيتريون بندوقون کڻي بيهاريو، سنڌ ۽ بلوچستان کي نٿا ورهائي سگهو. جيڪڏهن ملڪ ۾ 12 يا 16 صوبا به بڻجي وڃن، تڏهن به هر صوبي ۾ ڪيترائي ضلعا هوندا. جيڪڏهن مقامي حڪومتي نظام بااختيار نه هوندو ته عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا. هن سرائڪي صوبي ۽ هزارا صوبي بابت اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ جي حمايت ڪئي، پر چيو ته اصل ضرورت بااختيار مقامي حڪومت جي آهي. هن مثال ڏنو ته آصف علي زرداري، مراد علي شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب جهڙا اڳواڻ ڪراچي جا آهن، پر نظام ايترو ڪمزور آهي جو اهو ڊليور نٿو ڪري سگهي. سياسي طور تي انهن اڳواڻن کي ڪراچي مان ووٽ نٿا ملن، ان ڪري کين شهر جي خوشحاليءَ سان ڪو خاص فرق نٿو پوي. هن چيو ته پاڪستان هڪ عسڪري قوت آهي، پر ملڪ جي اصل ڪمزوري اندروني ڏڦيڙ آهي. ملڪ کي جوڙڻ لاءِ هڪ نئين ميثاقِ جمهوريت جي ضرورت آهي. هن تجويز ڏني ته عمران خان سميت سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪري گڏ ويهاريو وڃي ۽ ملڪ کي ٻيهر آئيني راهه تي آندو وڃي.هن موجوده اسمبليءَ تي تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن پنهنجي طاقت وڌائڻي هوندي آهي ته راتو رات آئيني ترميمون ڪيون وينديون آهن، هاڻي هڪ ترميم عوام جي ڀلي لاءِ به ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.