راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي 47 اشتهاري جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه 9 مئي جي ايڇ ڪيو ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو، عدالت اشتهاري جوابدارن کي قيد سان گڏ 5-5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي ۽ سندن ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو.
عدالت طرفان سزا ماڻيندڙن ۾ عمر ايوب، زرتاج گل، مراد سعيد، شبلي فراز، حماد اظهر، ڪنول شوذب، راشد شفيق، شهباز گل، ذلفي بخاري، محمد احمد چٺا، راءِ حسن نواز، راءِ محمد مرتضيٰ، شوڪت علي ڀٽي، عثمان سعيد بسرا، اعجاز خان ۽ ٻيا شامل آهن.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جوابدار جي ايڇ ڪيو گيٽ، حمزا ڪيمپ ۽ آرمي ميوزيم تي حملن ۾ ملوث نڪتا، جي آءِ ٽي رپورٽ انهن کي پرتشدد احتجاج جي رٿابندي ۾ ملوث مک جوابدار قرار ڏنو.
فيصلي موجب جوابدارن تي 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه، پوليس تي حملن ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي، ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي سميت 118 جوابدارن تي ڊسمبر 2024 ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس: عمر ايوب، مراد سعيد، زرتاج گل سميت 47 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا
You might also like