لاهور (ويب ڊيسڪ) اوگرا ترجمان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ جون خبرون رد ڪري ڇڏيون.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اوگرا ترجمان چيو ته ملڪ ۾ هن وقت پيٽرول ۽ ڊيزل وڏي مقدار ۾ موجود آهي ۽ ڪا کوٽ ناهي، اگهه وڌڻ کان اڳ پيٽرول پمپن تي رش ان ڪري هئي، ڇو ته ماڻهن وڌيڪ تيل وٺڻ پئي چاهيو.
هن چيو ته مارڪيٽ ۾ هاڻ افواهه دم ٽوڙي ويا آهن ۽ افراتفري ختم ٿي چڪي آهي، سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپن جي سخت مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته آئل ڪمپنين تي به گهري نظر رکي پئي وڃي، هٿرادو کوٽ، ذخيري اندوزي يا وڌيڪ قيمت ۾ ملوث پيٽرول پمپن جو فوري طور اطلاع ڏنو وڃي.
You might also like