اسلام آباد (اعزاز سيد/فخر دراني) آمريڪا ۽ اسرائيل جو گڏيل مقصد ايران جي ائٽمي صلاحيت ۽ ميزائيل پروگرام کي تباهه ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي پر ڊونلڊ ٽرمپ هن جنگ ذريعي پنهنجي اندروني سياسي مسئلن ايپسٽين فائلز تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو. ايران هاڻي هن جنگ کي سڄي خطي ۾ پکيڙڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ته جيئن آمريڪي اتحادين سعودي عرب، يو اي اي، قطر کي نشانو بڻائي عالمي معيشت تي دٻاءُ وڌو وڃي. قطر پاران تيل جي پيداوار بند ڪرڻ جي ڌمڪي ان جو حصو آهي. تهران ۾ هڪ اسڪول تي آمريڪي ۽ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ تقريبن 160 نياڻيون شهيد ٿي ويون آهن. شروعاتي جاچ موجب، آمريڪا پاران ان کي غلطي قرار ڏنو پيو وڃي، ڇو ته ته اهو اسڪول ايراني پاسدارانِ انقلاب جي هڪ ويجھي بيس جي ڪري نشانو بڻيو.