ڪراچي (رپورٽر ) شهيد مير مرتضي ڀٽو جي نينگر ۽ آرٽسٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ڪالهه شام جو پنهنجي گهر 70 ڪلفٽن تي پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ايران تي حملي جي جواب ۾ آمريڪي قونصل خاني تي احتجاج ڪندڙن کي قتل ڪندڙن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي، ماڻهن آمريڪي قونصل خاني وڃي احتجاج ڪيو جيڪو انهن جو حق هو، 28 فيبروري تي آيت ﷲ خامنائي شهيد ٿيو،ڪراچي ۾ آمريڪي ميرين فائرنگ ڪري ماڻهو ماريا، جنهن ۾ 11 نوجوان شهيد ٿي ويا آهن سڀ خوف ۾ ويٺا آهن اسان جا نمائندا به خوف ۾ ورتل آهن ڪو جواب ڏيڻ لاء تيار ناهي. جيڪا ناانصافي آهي شهيدن ۽ زخمين تي ايف آئي آر ڪاٽي وئي،هن چيو ته تهران ۾ 180 ٻارڙيون شهيد ڪيون ويون اسان کي آمريڪي قونصل خاني آڏو احتجاج ڪرڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته ايران پاڻ خودمختيار آهي اتي بجلي پاڻي کاڌ خوراڪ موجود آهي پر جيڪڏهن ايران اسان کان مدد گهري ته اسانجو فرض آهي ته اسان جنگ ۾ انهن جو ساٿ ڏيون، جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته آمريڪي اسان کي انسان نه ٿا سمجهن ،اسان آمريڪا جي ڪالوني آهيون جنهن ڪري اسانجا حڪمران ڪو رد عمل نه ٿا ڪري سگهن، هن چيو ته اسان آمريڪا ۽ چين کان مدد وٺي سگهون ٿا،جيڪڏهن اسان آمريڪن جي حفاظت ڪيون ٿا ته آمريڪين جو به ڪم آهي ته اسانجي حفاظت ڪن، هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ ڪامياب نه ٿيندو ايران تل ابيب تي حملا ڪري پيو اهي حملا ڏسي اسان کي خوشي ٿيندي آهي، هن چيو ته اسان سدائين فلسطين تي حملا ٿيندي ڏٺا آهن تل ابيب تي حملا ڏسندي خوشي ٿئي ٿي، دعا آهي ته ايران ڪامياب ٿيندو، ذوالفقار جونيئر چيو ته ڪجه پابنديون آهن ان ڪري ڪراچي پريس ڪلب نه اچي سگهيس .