اسلام آباد/رياض (بي بي سي) ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ شروع ٿيل تڪرار هاڻي هڪ وڏي علائقائي جنگ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. ايران پاران سعودي عرب، قطر ۽ يو اي اي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن تي جوابي ميزائيل حملن کانپوءِ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي سخت چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هڪ طرف ايران جهڙو پاڙيسري ملڪ آهي، ته ٻئي طرف سعودي عرب سان گڏيل دفاعي معاهدو آهي، جنهن تحت ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ پاڪستان سعودي عرب جو ساٿ ڏيڻ جو پابند آهي. پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بيان ڏيندي چيو ته پاڪستان ايران تي اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو، پر سعودي عرب جي سلامتي تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف پڻ سعودي ولي عهد کي هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. تجزئي نگارن موجب، پاڪستان جي تڪليف اها آهي ته سندس توانائي جي ضرورتون ۽ معيشت انهن ٻنهي ڌرين سان جڙيل آهن، تنهنڪري ڪنهن هڪ طرف جھڪڻ پاڪستان جي اندروني استحڪام ۽ معيشت لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي معيشت ۽ توانائي جي سيڪيورٽي داءُ تي لڳل آهي، وچ اوڀر جي جنگ ملڪي مفادن لاءِ وڏو چئلينج بڻجي وئي آهي.