واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ايران سان جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال دوران پنهنجي خطرناڪ انٽرڪونٽيننٽل بيلسٽڪ ميزائل منٽ مين 3 جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، جنهن کي ڊومز ڊي يا قيامت خيز ميزائل چيو ويندو آهي. هي تجربو ڪيليفورنيا جي وينڊين برگ اسپيس فورس بيس تان ڪيو ويو. هن ميزائل جي رينج 13 هزار ڪلوميٽر آهي، جنهن جو مطلب آهي ته هي زمين جي ڪنهن به ڪنڊ تائين پهچي سگهي ٿو. هي آمريڪا جو واحد ميزائل آهي جيڪو زمين تان لانچ ڪيو ويندو آهي ۽ ايٽمي وار هيڊ کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آمريڪي ايئر فورس موجب، هي تجربو اڳواٽ شيڊول هو ۽ ان جو مقصد هٿيارن جي نظام جي درستگي ۽ ڪارڪردگي جي تصديق ڪرڻ هئي. تجربي دوران ميزائل مارشل آئي لينڊز ۾ مقرر ڪيل حدف تائين پهچي ويو. هن ميزائل کي ڊومز ڊي ان ڪري چيو وڃي ٿو، جو ان جي فائر ٿيڻ سان پيدا ٿيندڙ تابڪاري سڄي دنيا ۾ زندگي کي سخت خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. چيو وڃي ٿو ته هيروشيما تي ڪيرايل بم کان هي 20 ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهي.