لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي ۾ ٻه اڳوڻا ڪپتان شامل ڪيا ويا آهن.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ويب سائيٽ تي سليڪشن ڪميٽي کي اپڊيٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب مصباح الحق ۽ سرفراز احمد قومي سليڪشن ڪميٽي جا ميمبر بڻجي ويا آهن.
پاڪستان ٽيم جي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ تي عليم ڊار پي سي بي سليڪشن ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ هي تبديلي آندي وئي آهي.
سليڪشن ڪميٽي ۾ عاقب جاويد ۽ اسد شفيق برقرار آهن ۽ هاڻي قومي سليڪشن ڪميٽي چئن ميمبرن تي ٻڌل هوندي.
ياد رهي ته عليم ڊار ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي ناڪامي کانپوءِ 2 مارچ تي سليڪشن ڪميٽي واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
You might also like