تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسداران انقلاب چيو آهي ته اڄ ايران جي آپريشن وعده صادق 4 ۾ اسرائيل خلاف خرمشهر 4 اسٽريٽجڪ بيلسٽڪ ميزائل هلايا ويا.
ايراني خابرو ايجنسي موجب پاسداران انقلاب جي ايرو اسپيس فورس طرفان هلايل ميزائلن تل ابيب جي مرڪز، بن گوريون ايئرپورٽ ۽ اسرائيلي فضائيا جي 27هين اسڪواڊرن جي اڏي کي نشانو بڻايو.
خرمشهر 4 ميزائل تقريبن 13 ميٽر ڊگهو ۽ 30 ٽن وزني آهي ۽ هڪ ٽن کان وڌيڪ ڌماڪيدار مواد کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ان ميزائل جي وڌ کان وڌ رفتار آواز جي رفتار کان 16 ڀيرا وڌيڪ تائين وڃي سگهي ٿي، ان رفتار سبب ميزائل هلائڻ کانپوءِ هدف تائين پهچڻ جو وقت تقريبن 10 کان 12 منٽ رهجي ويندو آهي، جيڪو ڪيترن ئي ميزائل دفاعي نظامن لاءِ اثرائتو ردعمل ڏيڻ ڏکيو بڻائي ٿو.
خرمشهر 4 ميزائل جو وارهيڊ ايران جي ميزائل ذخيري ۾ شامل جديد ترين منوورايبل وارهيڊز ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.
ايران جو وڏي پيماني تي تباهي پکڙيندڙ ”خرمشهر 4“ ميزائل سان اسرائيل تي حملو
You might also like