ڪيف (ويب ڊيسڪ) يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته اسان نار ملڪن ۾ پنهنجا ماهر مقرر ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايران جي ڊرونز ۽ ميزائلن خلاف دفاع ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي.
پنهنجي بيان ۾ ولاديمير زيلنسڪي چيو ته مان گڏيل عرب امارتن، قطر، اردن ۽ بحرين جي اڳواڻن سان ڳالهايو آهي، پنهنجي وزيرن ۽ فوجي ڪمانڊرن سان مشوري کانپوءِ نار ملڪن جي مدد لاءِ هڪ منصوبو تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ يوڪرين جي حفاظت ۽ خود مختياري تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته يوڪرين زندگين جي تحفظ ۽ خطي ۾ حالتن جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
You might also like