تهران/واشنگٽن/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب فوجي ڪارروائين جا معاشي اثر ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، سفارتي سرگرميون تيزي اختيار ڪري ويون آهن، جڏهن ته آبنائي هرمز جي صورتحال، فضائي اڏامن جو رد ٿيڻ ۽ خطي جي ملڪن جي خدشن سبب عالمي سطح تي به ڳڻتي وڌي وئي آهي.
18 هزار شهري خطي مان آمريڪا واپس پهچي چڪا آهن: آمريڪي پرڏيهي کاتو
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب وچ اوڀر مان آمريڪي شهرين جي نيڪالي جو عمل جاري آهي ۽ هينئر تائين 18 هزار آمريڪي شهري خطي مان آمريڪا واپس پهچي چڪا آهن.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته خطي مان آمريڪين جي نيڪالي لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته وچ اوڀر۾ 2 لک کان وڌيڪ آمريڪي شهري رهندڙ آهن.
آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب، گڏيل عرب امارتن ۾ 50 هزار، قطر ۾ 15 هزار، ڪويت ۾ 30 هزار ۽ سعودي عرب ۾ 80 هزار آمريڪي شهري رهائش پذير آهن.
ايران روس کان هٿيارن جي فراهمي لاءِ ڪا درخواست ناهي ڪئي: ڪريملن
روسي صدارتي محل ڪريملن چيو آهي ته ايران روس کان هٿيارن جي فراهمي لاءِ ڪا درخواست ناهي ڪئي.
خميس ڏينهن صحافين جي سوال جي جواب ۾ ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو ته ايران طرفان ان حوالي سان ڪا درخواست نه ملي آهي.
هن چيو ته ”هن معاملي ۾ ايراني ڌر طرفان ڪا درخواست سامهون ناهي آئي، ان حوالي سان اسان جو مستقل موقف سڀني جي سامهون آهي ۽ ان ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.“
ابوظهبي ۾ ڊرون تباهه ڪرڻ کانپوءِ ملبو ڪرڻ سبب پاڪستانين سميت 6 ڄڻا زخمي
ابوظهبي ميڊيا آفيس موجب، ايئرڊفينس سسٽم طرفان ڊرونز کي ڪاميابي سان تباهه ڪرڻ کانپوءِ ICAD 2 واري علائقي ۾ ٻن مختلف هنڌن تي ملبي ڪِريو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ پاڪستاني ۽ نيپالي شهري شامل آهن.
ايراني توانائي واري وزير پاران عوام کي پاڻي ۽ بجلي احتياط سان استعمال ڪرڻ جي اپيل
ايران جي توانائي واري وزير عباس علي آبادي عوام کي پاڻي ۽ بجلي جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته مقامي عملدار آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ متاثر ٿيندڙ ٿاڪن جي مرمت لاءِ تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهن.
ايراني ميڊيا موجب، عباس علي آبادي چيو ته عوام پاڻي ۽ بجلي جي استعمال ۾ احتياط ڪن ته جيئن صورتحال کي بنا ڪنهن وڏي مسئلي جي منهن ڏئي سگهجي.
آذربائيجان جي نخچيوان هوائي اڏي تي ايراني ڊرون حملو، 2 ڄڻا زخمي
آذربائيجان جي نخچيوان هوائي تي ايراني ڊرون حملي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
آذربائيجان جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 2 ايراني ڊرون سرحد پار ڪري ملڪ ۾ داخل ٿيا، هڪ ڊرون نخچيوان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪِري پيو جڏهن ته ٻيو ڊرون ويجهي ڳوٺ ۾ هڪ اسڪول جي عمارت ڀرسان ڪِريو.
ايران ۾ ڪرد عسڪريت پسند گروهه جي سرگرمين تي نظر رکي رهيا آهيون: ترڪي
ترڪي چيو آهي ته هو ايراني ڪرد عسڪريت پسند گروهه ”پِي جَي اَي ڪَي“ جي سرگرمين تي گهري نظر رکي رهيو آهي ۽ ان جون ڪارروائيون ايران جي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون.
نار ملڪن ڏانهن ايراني هوائي حملن جي خدشي سبب ايئر ڊفينس بابت امداد موڪلڻ جو ارادو آهي: اطالوي وزيراعظم
اطالوي وزيراعظم جورجيا ميلوني چيو آهي ته نار وارن ملڪن کي ايراني فضائي حملن جي خدشي سبب ايئر ڊفينس بابت امداد موڪلڻ جو ارادو آهي.
جورجيا ميلوني چيو ته برطانيا، فرانس ۽ جرمني وانگر اٽلي به نار ملڪن کي مدد فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته خليجي ملڪ نه رڳو دوست ملڪ آهن پر اتي وڏي انگ اطالوي شهري پڻ رهندڙ آهن ۽ اٽڪل 2 هزار اطالوي فوجي به اتي مقرر آهن جن جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي.
ايراني نار ۾ آمريڪي آئل ٽينڪر کي نشانو بڻايو: ايران
ايراني پاسدارانِ انقلاب گارڊز چيو آهي ته اتر ايراني نار ۾ آمريڪي آئل ٽينڪر کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز کي باهه وڪوڙي وئي آهي.
هي واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن پاسدارانِ انقلاب چيو ته هن آبنائي هرمز جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته آبنائي هرمز ايراني نار کي هندي سمنڊ سان ملائي ٿو، جنهن کي دنيا ۾ تيل ۽ گئس جي ترسيل لاءِ انتهائي اهم رستو سمجهيو ويندو آهي.
”آخر تائين ڪارروائي جاري رکو، اسان اوهان سان گڏ آهيون“ آمريڪا جي اسرائيل کي هدايت
آمريڪي بچاءَ واري کاتي موجب، آمريڪي بچاءُ واري وزير پيٽ هيگسٿ جي اسرائيلي هم منصب اسرائيل ڪاٽز سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن دوران هيگسٿ اسرائيل ڪاٽز کي چيو ته ايران خلاف آخر تائين ڪارروائي جاري رکو، اسان اوهان سان گڏ آهيون.
ان کان اڳ اسرائيلي فوج پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ايراني راڄڌاني تهران ۾ هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
اسرائيلي فوج موجبم تهران ۾ ايراني حڪومتي ڍانچي خلاف وڏي پيماني تي حملا شروع ڪيا ويا آهن.
ايران سان جنگ: اسرائيلي معيشت کي هڪ هفتي دوران 3 ارب ڊالر نقصان
اسرائيلي ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايران خلاف جنگ سبب اسرائيل جي معيشت کي هڪ هفتي ۾ 9 ارب شيڪل (اٽڪل 3 ارب ڊالر) کان وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو.
اسرائيلي ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته گهٽ پابندين واري صورتحال ۾ به اسرائيلي معيشت کي هر هفتي 4.3 ارب شيڪل تائين نقصان ٿي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي جنگ سبب اسرائيل ۾ اسڪول بند آهن، ميڙاڪن تي پابندي آهي جڏهن ته افرادي قوت جون سرگرميون محدود آهن ۽ ڪيئي ملازم گهران ڪم ڪري رهيا آهن.
آمريڪا ايراني فريگيٽ کي نشانو بڻائي ظلم ڪيو، آمريڪا کي ان عمل تي سخت افسوس ٿيندو: ايراني پرڏيهي وزير
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا ايراني سامونڊي پٽي کان 2 هزار ميل پري فريگيٽ کي نشانو بڻائي ظلم ڪيو.
هن چيو ته فريگيٽ دينا ڀارتي نيوي جو مهمان هو جنهن ۾ اٽڪل 130 سيلر سوار هئا.
عباس عراقچي چيو ته آمريڪا بنا ڪنهن وارننگ جي جهاز کي نشانو بڻايو جنهن سبب ان ۾ سوار سيلر سمنڊ ۾ ڪِري پيا.
هن چيو ته ”منهنجي لفظن کي ياد رکو، آمريڪا کي پنهنجي ان عمل تي سخت افسوس ٿيندو.“
واضح رهي ته آمريڪي نيوي گذريل ڏينهن ڀارت مان سامونڊي مشقن کان واپس ايندڙ هڪ بحري جهاز کي نشانو بڻايو هو جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 80 ايراني فوجي شهيد ٿي ويا هئا.
ايراني حڪومتي ڍانچي خلاف وڏي پيماني تي حملا شروع ڪيا آهن: اسرائيلي فوج
اسرائيلي فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايراني راڄڌاني شهر تهران ۾ هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
اسرائيلي فوج موجب، تهران ۾ ايراني حڪومتي ڍانچي خلاف وڏي پيماني تي حملا شروع ڪيا ويا آهن.
آمريڪا آبنائي هرمز جو ڪنٽرول ايران کان ڇڏائڻ ۾ ناڪام، ڪچي تيل جا اگهه وڌي ويا
ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ وچ اوڀرجي اهم سامونڊي لنگهه آبنائي هرمز بند آهي ۽ آمريڪا اڃا تائين ان جو ڪنٽرول ايران کان ڇڏائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، برينٽ ڪچو تيل 2 سيڪڙو واڌ سان 84 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته ڊبليو ٽي آءِ ڪچو تيل 77 ڊالر في بيرل ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
آمريڪا ۽ اسرائيل غلط اندازو لڳايو، اسان دشمن کي وڏو نقصان پهچايو آهي: ايراني حڪومت جو ترجمان
ايراني حڪومت جي ترجمان ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن بابت چيو ته ”دشمن غلط اندازو لڳايو ۽ اهڙي غلطي ڪئي جيڪا کين نه ڪرڻ گهرجي ها.“
ترجمان چيو ته ”اسان دشمن کي وڏو نقصان پهچايو آهي ۽ ايراني حڪومت دشمن کي وڌيڪ نقصان پهچائڻ لاءِ پُرعزم آهي.“
ايران واري جنگ ۾ ڪئناڊا جي شموليت جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي: مارڪ ڪارني
ڪئنيڊين وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو آهي ته ايران واري جنگ ۾ اتحادي ملڪن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ ڪئناڊا جي شموليت جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي.
واضح رهي ته ان کان اڳ مارڪ ڪارني پنهنجي بيان ۾ ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کي بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو هو.
چين جو ٽياڪڙي لاءِ پنهنجو خاص نمائندو وچ اوڀر موڪلڻ جو اعلان
چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي سعودي ۽ اماراتي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ان موقعي تي هن چيو ته سعودي عرب جي صبر ۽ اختلافن کي پرامن طريقن سان حل ڪرڻ واري موقف کي ساراهيون ٿا.
چيني پرڏيهي وزير چيو ته تڪرارن دوران شهرين جي تحفظ واري ڳاڙهي لڪير پار نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي توانائي ۽ غير فوجي هدفن تي حملا ڪرڻ گهرجن.
هن اعلان ڪيو ته چين ٽياڪڙي لاءِ پنهنجو خاص نمائندو وچ اوڀر موڪليندو.
آبنائي هرمز وٽان تيل جو هڪ ڦرو به لنگهڻ نه ڏينداسين: پاسدارانِ انقلاب
آمريڪي صدر ٽرمپ جي جهازن کي تحفظ ڏيڻ واري بيان تي پاسدارانِ انقلاب چيو ته ٽرمپ اڃا تائين هرمز کولڻ لاءِ جهاز موڪلي نه سگهيو آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته آبنائي هرمز وٽان تيل جو هڪ ڦڙو به به وڃڻ نه ڏينداسين، اڃا ته سمنڊ ۾ ميزائلن ۽ ڊرونن کانسواءِ ڪجهه وڏو ظاهر ئي ناهي ڪيو.
وچ اوڀر ۾ جنگ سبب فضائي آپريشن سخت متاثر، 5 ڏينهن ۾ 20 هزار کان وڌيڪ اڏامون رد
وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب فضائي بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ گذريل پنج ڏينهن دوران اٺ ملڪن ۾ رد ٿيل اڏامن جو انگ 20 هزار کان وڌي ويو آهي.
فلائيٽ شيڊيول موجب، پاڪستان مان اڄ لڳاتار ڇهين ڏينهن به وچ اوڀر اڏامون متاثر رهيون ۽ ڪُل 145 اڏامون رد ڪيون ويون.
ايويئيشن ذريعن موجب، ڪراچي مان 35، لاهور مان 29، ملتان مان 12 اڏامون رد ڪيون ويون، جڏهن ته اسلام آباد مان 35، پشاور مان 14، سيالڪوٽ مان 12 ۽ فيصل آباد مان به 6 اڏامون رد ٿيون.
ان کانسواءِ ڪوئيٽا مان وچ اوڀرڏانهن ويندڙ 2 اڏامون رد ٿيون آهن.
حزب الله پاران تل ابيب ۾ فوجي اڏي کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
حزب الله تل ابيب جي ڏاکڻي حصي ۾ قائم هڪ فوجي اڏي کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
حزب الله موجب، اسرائيلي آئرن ڊوم ريڊار سسٽم تي ڊرون ذريعي حملو ڪيو ويو.
اسرائيلي فوج گذريل ڏينهن بيروت تي به حملا ڪيا هئا جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا هئا.
انٽوني بلنڪن جي ٽرمپ انتظاميا کي جنگ ختم ڪرڻ جي تجويز
اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو ته هڪ رستو اهو به ٿي سگهي ٿو ته ٽرمپ انتظاميا اعلان ڪري ته ”اسان آيت الله کي ماريو آهي.“
سندس چوڻ هو ته ”ٽرمپ انتظاميا چوي ته اسان ايران جي ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام کي هيڻو ڪري ڇڏيو آهي.“
هن تجويز ڏني ته مستقبل ايران جي عوام تي ڇڏيو وڃي.