ايران-اسرائيل آمريڪا جنگ: پاڪستان ۾ ايراني تيل جي اگهن ۾ وڏي واڌ

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کانپوءِ بلوچستان ۾ ايراني تيل في ليٽر 40 کان 50 رپين تائين مهانگو ٿي ويو آهي.
بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ ايراني تيل جو اگهه في ليٽر چاليهه رپين کان پنجاهه رپين تائين وڌي ويو آهي.
ذريعن موجب، ايراني تيل جي ڪاروبار سان واڳيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته ايراني پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جو ڪارڻ ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال آهي.
بلوچستان جي ڪيئي علائقن ۾ ڊگهي عرصي کان پاڪستاني تيل ڪمپنين جو تيل دستياب ناهي، جنهن سبب نه رڳو ايران سان لڳندڙ سرحدي علائقن پر ٻين علائقن ۾ به ماڻهو ايراني تيل تي ڀاڙيندا آهن.
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي اٽڪل ڏيڍ هفتو اڳ ڪوئيٽا ۾ في ليٽر ايراني پيٽرول 180 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو هو، جڏهن ته گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان قيمتن ۾ واڌ سبب خميس ڏينهن ايراني تيل جو في ليٽر اگهه 230 رپين تائين پهچي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.