سعودي عرب پاران پاڪستان کي تيل فراهمي جاري رکڻ جي خاطري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سعودي عرب خطي جي صورتحال ۽ تيل فراهمي تي هنگامي ضرورت کي ڏسندي پاڪستان سان ڀرپور سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان سعودي سفير نواف سعيد المالڪي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. علي پرويز ملڪ چيو  ته سعودي ذريعن احمر سمنڊ جي بندرگاهه يانبو ذريعي سپلاءِ جي سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي آهي، جڏهن ته پاڪستان لاءِ ڪچو تيل کڻڻ لاءِ هڪ جهاز پاڪستان مان يانبو روانو ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته هن وقت سعودي عرب طرفان پاڪستان جي سپورٽ جا ٿورائتا آهيون، اميد ته بندرگاهه يانبو مان تيل جي فراهمي ۾ پاڪستان کي ترجيح ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي گهڻي پيٽروليم سپلاءِ آبنائي هرمز رستي ايندي آهي، انهن حالتن ۾ سعودي عرب جي حمايت پاڪستان لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته ڪنهن به هنگامي ضرورت کي ڏسندي پاڪستان سان ڀرپور سهڪار جاري رکنداسين، پاڪستان ۽ سعودي عرب آزمائش ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺا رهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.