قاضي فائز عيسيٰ جمهوريت مضبوط ڪئي يا تباهه؟ نئون بحث ڇڙي پيو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)رفتار جي ڊاڪيومينٽري سوشل ميڊيا تي گردش ۾ آهي ته  ڪيئن قاضي فائز عيسى پنهنجو ورثو تباهه ڪيو،قاضي فائز عيسى جو خاندان افغانستان جي قنڌار سان تعلق رکندڙ هو. ڪيترن نسلن تائين هن خاندان جا ماڻهو جج رهيا آهن. سندس ڏاڏو قاضي جلال الدين قنڌار جو مشهور ۽ معزز قاضي هو 19هين صدي جي شروعات ۾، انصاف ۽ اصولن تي مبني سندس تڪرار سبب هن خاندان کي قنڌا ڇڏڻو پيو، ۽ اهي پشين بلوچستان ۾ آباد ٿيا.قاضي محمد عيسى، فائز عيسىٰ جي والد، به قانون جي تعليم حاصل ڪئي، ۽ پوءِ قاضي فائز عيسىٰ 26 آڪٽوبر 1969 تي ڄائو. هن ڪوئيٽا ۽ ڪراچي گرامر اسڪول تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ قانون جي اعليٰ تعليم لاءِ. 1982 ۾ انگلينڊ ۽ ويلز جي بار امتحان ۾ ڪامياب ٿيو ۽ 1985 ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل طور پنهنجو سفر شروع ڪيو.قاضي فائز عيسى انساني۽ انصاف جي لاءِ هميشه حساس رهيو. 2007۾ جڏهن مشرف جو دور هو، قاضي فائز عيسىٰ جرئت سان موقف سامهون رکيو ۽ آزاديءَ جي قاعدن جو مثال قائم ڪيو. 2009 ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيو،هو 2012ع ۾  ميموگيٽ ڪميشن جو سربراهه بڻيو، جنهن   صدر آصف علي زرداري کي ڪنهن  حد تائين بري ڪري ۽ حسين حقاني کي ذميوار قرار ڏنو،هن 2015۾ فوجي عدالتن بابت 21هين ترميم تي مخالفت ڪئي، ۽ فوجي عدالتن  کي غيرقانوني قرار ڏنو. 8 آگسٽ 2016 تي ڪوئٽا سول اسپتال ۾ خودڪشي وارين حملا تي جامع رپورٽ تيار ڪئي ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي ظاهر ڪئي،فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ سيڪيورٽي ادارن جي غيرقانوني قدمن تي احتساب ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ به سندس مثالي فيصلو هو،هن 13 جنوري 2024 تي پي ٽي آءِ جي اندروني چونڊن بابت فيصلو ڪندي، پارٽي کي چونڊ ڏيڻ کان نااهل قرار ڏنو،اهو فيصلو سياسي ۽ عدالتي حلقن ۾ وڏي ڇڪتاڻ جو سبب بڻيو.قاضي فائز عيسىٰ کي سياسي ۽ عدالتي حلقن کان تنقيد سامهون آئي، پر هن پنهنجو موقف برقرار رکيو،قاضي فائز کي ڪجهه ماڻهو اينٽي پي ٽي آءِ قرار ڏين ٿا،ڪجهه جو چوڻ آهي ته هو اصل ۾ ن ليگ حامي هو،ڪجه ماڻهو کيس اسٽيبلشمينٽ مخالف ته ڪجهه جي بقول هو اسٽيبلشمينٽ حامي هو،سندس فيصلا ڪڏهن ڪڏهن ڊرامائي هوندا هئا پر عملي طور ڪمزور نتيجا ڏيندا هئا، جهڙوڪ پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان ڪيس،ڪجهه مبصرن مطابق هو پنهنجي سياسي ترجيحن ۽ موقف موجب فيصلو ڪندو هو، جنهن سبب کيس ڪجهه سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو ويو،صحافي مطيع الله جان چيو ته قاضي فائز عيسيٰ جي هڪ فيصلي سبب 25 ڪروڙ عوام جو مينڊيٽ چوري ٿيو،اليڪشن هاءِ جيڪ ٿي ۽ هن ملڪ جو سياسي نظام تباهه ٿيو،هن چيو ته فائز عيسيٰ وات سان پارلياماني بالادستي جو درس ڏيندو هو پر عوامي مينڊيٽ چوري ڪرائڻ ۾ هن طاقتور حلقن جي ڀرپور مدد ڪئي،هن چيو  ته جيڪڏهن ڪنهن چيف جسٽس جمهوريت کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچايو ته اهو پاڻ جمهوريت پسند قاضي فائز عيسيٰ ئي هو،صحافي اسد طور چيو ته قاضي فائز عيسيٰ 13 جنوري جو فيصلو ريورس ڪرڻ چاهي پيو،سموريون تياريون به مڪمل هيون،ان کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي هڪ ڊگهي پريس رليز آئي ته ايترو بيلٽ پيپر شايع ٿي چڪو آهي،عدليه جي مداخلت ٿي ته بيلٽ پيپر ضايع ٿي ويندو،ان کانپوءِ قاضي فائز عيسيٰ کي ڌرين پاران پيغام ملي ويو،عدالتي رپورٽنگ ڪندڙ ثاقب بشير چيو ته وڪيلن،سول سوسائٽي ۽ نوجوانن کي قاضي فائز عيسيٰ مان گهڻيون اميدون هيون،اسٽيبلشمينٽ کيس استعمال ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.