تهران (يب ڊيسڪ) ڇنڇر ڏينهن آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل ايراني سپريم ليڊر جون آخري رسمون ملتوي ڪيون ويون آهن.
ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب، رهبرِ اعليٰ آيت الله خامنه اي جي سرڪاري سطح تي ٿيندڙ آخري رسمون في الحال ملتوي ڪيون ويون آهن.
ان کان اڳ سرڪاري ميڊيا ٻڌايو هو ته خامنه اي جي جنازي نماز اڄ تهران ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ آخري رسمن کانپوءِ سندس تدفين ڪئي ويندي.
پر هاڻي ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته هنڌ جي تعين تائين آخري رسمون ملتوي ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ان حوالي سان ڪنهن نئين تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.