ترڪي جي فضائي حدن ڏانهن ايندڙ ايراني ميزائل تباهه، ترڪ قيادت خبردار ڪري ڇڏيو

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ فضائي حدن ڏانهن ايندڙ ايراني ميزائل کي نيٽو جي ايئر ڊفينس اوڀر رومي سمنڊ ۾ تباهه ڪيو ويو.
ترڪ بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ايران مان فائر ڪيل هڪ بيلسٽڪ ميزائل شام ۽ عراق مان گذرندي ترڪ فضائي حدن ڏانهن وڌي رهيو هو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
بيان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ترڪي پنهنجي خلاف ڪنهن به قدم جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، جڏهن ته سمورين ڌرين کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي تڪرار وڌائڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.