ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا جي گال بندرگاهه ويجهو ايراني سامونڊي جهاز ٻڏي ويو، جهاز ۾ سوار 140 ڄڻا گم ٿي ويا.
سريلنڪن ۾ اختيارين جو چوڻ آهي ته هڪ ايراني هڪ سامونڊي جهاز ٻڏڻ جا اطلاع ملڻ کانپوءِ سريلنڪا جي بحريه ۽ فضائيه طرفان امدادي ڪارروايون جاري آهن.
سريلنڪا جي بچاءَ واري وزارت موجب، جهاز تي سوار لڳ ڀڳ 140 ماڻهو گم آهن، جڏهن ته حادثي ڪارڻ بابت اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي.
اختيارين موجب، ايراني جهاز سريلنڪا جي سامونڊي حدن کان پري ”ميري ٽائم تجارتي زون، ۾ موجود هو.
واضح رهي ته ان کان اڳ سريلنڪا جي پرڏيهي وزير وجئٿا هيراٿ پارليامينٽ کي آگاهه ڪيو هو ته اڄ صبح بحري جهاز ” آءِ آر آءِ ايس ڊينا“ طرفان پريشان ڪندڙ سگنل مليا هئا، جنهن کانپوءِ ملڪ جي سامونڊي ۽ هوائي فوج ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو.
پرڏيهي وزير موجب، ان واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ 30 ڄڻن کي سريلنڪا جي گال بندرگاهه واري اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ذريعن موجب، هن سامونڊي جهاز تي 180 ماڻهو سوار هئا.
سريلنڪن مخالف ڌر جي پارليامينٽ ميمبر پارليامينٽ ۾ سوال ڪيو ته ڇا ايران خلاف آمريڪي اسرائيلي حملن دوران جهاز تي بمباري ڪئي وئي هئي؟ ته ان تي ڪو به سرڪاري ردعمل سامهون نه آيو.
You might also like