وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪوٽا تي عمل ڪيو وڃي: ضمير گھمرو

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ سينيٽر ضمير حسين گھمرو جي صدارت هيٺ سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي کاتن ۾ صوبائي ڪوٽا ۽ ٻين اهم معاملن تي غور ڪيو ويو. چيئرمين ضمير گھمرو بلوچستان ۽ سنڌ جي گهٽ نمائندگي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هدايت ڪئي ته ٻنهي صوبن جو جائز حصو فوري طور پورو ڪيو وڃي. ڪميٽي وفاقي سطح تي سمورن حاضر سروس ملازمن جي ڊوميسائل جي تصديق ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن جعلي ڊوميسائل تي ٿيل مقررين کي روڪي سگهجي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته  صوبا پنهنجي انفراسٽرڪچر مان پيدا ٿيندڙ بجلي پنهنجي مقرر ڪيل اگهن تي وڪرو ڪري سگهن ٿا. سينيٽر پونجو ڀيل پاران اسلام ڪوٽ جي رهواسين کي واعدي موجب مفت بجلي نه ملڻ جو معاملو به اٿاريو ويو. سيڪريٽري پيٽروليم ڊويزن ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته ايران جي موجوده صورتحال سبب ويجهي مستقبل ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن صورتحال نه سڌري ته ٻارڻ جي کوٽ جو خطرو به آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.