واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي ناليواري تجزيي نگار ۽ ايڪٽيوسٽ ٽڪر ڪارلسن دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل رات سعودي عرب ۽ قطر جي اختيارين اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موسادجي ايجنٽن کي گرفتار ڪيو آهي. مبينا طور تي گرفتار ڪيل ايجنٽ سعودي عرب ۽ قطر ۾ بم ڌماڪن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا. ٽڪر ڪارلسن موجب، اسرائيل رڳو ايران کي ئي نه، پر قطر، گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، بحرين، عمان ۽ ڪويت کي به نقصان پهچائڻ چاهي ٿو. تجزيي نگار جو چوڻ آهي ته اسرائيل پنهنجي انهن مقصدن ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب به ٿي چڪو آهي.