” هتان نڪري وڃو“ اسرائيلي فوج لبنان جي 80 کان وڌيڪ شهرن ۽ ڳوٺن تي حملن جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي

بيروت(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج لبنان جي ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن کي خالي ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي اسرائيلي فوج جي ترجمان ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن جي فهرست جاري ڪئي ۽ رهواسين کي چيو ته”اسان توهان کي چئون ٿا هتي واپس نه اچو.“
اسرائيلي فوج جي پيغام ۾ علائقي واسين کي چيو ويو آهي ته هو پنهنجا گهر خالي ڪرن ۽ فهرست ۾ ڄاڻيل هنڌن کان گهٽ ۾ گهٽ 1000 ميٽر پري هليا وڃن.
اسرائيلي فوج جي ترجمان خبردار ڪيو ته جيڪي ماڻهو حزب الله جي عنصرن ۽ مرڪزن جي ويجهو هوندا، تن جون زندگيون خطري ۾ پئجي وينديون.
اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل فهرست ۾ 80 کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ آبادين جا نالا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.