پنهنجون فضائي حدون ايران تي حملي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين: يو اَي اِي

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) يو اَي اِي (گڏيل عرب رياستون) پنهنجون فضائي حدون ايران تي حملي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو.
اماراتي مملڪتي وزير ريم الهاشمي پريس بريفنگ دوران اماراتي پاليسي تي ٻڌل پيغام جاري ڪيو.
ريم الهاشمي چيو ته ايران جو بيلسٽڪ ميزائل پروگرام علائقي لاءِ خطرو آهي، يو اي اي کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي، صورتحال جو فوجي حل ممڪن ناهي، ڇڪتاڻ علائقي کي نقصان پهچائيندي.
هن چيو ته ايراني حملن تي تهران ۾ اماراتي سفارتخانو بند ڪري سفير کي واپس گهرايو ويو آهي.
ان کان اڳ اماراتي عسڪري اختيارين جو چوڻ هو ته يو اي اي جنگ جي حالت ۾ آهي.
اماراتي بچاءَ واري وزارت جي ترجمان چيو ته اماراتي هٿياربند فوجون مڪمل جنگي تياري جي حالت ۾ آهن.
ميجر جنرل عبدالناصر الحميدي چيو ته اماراتي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪنهن قسم جي سوديبازي نه ڪئي وئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.