آبنائي هرمز بحران: ايشيائي ريفائنريز پيداوار گهٽائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آبنائي هرمز بحران سبب ايشيائي ريفائنريز پيداوار گهٽائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
بلوم برگ موجب، ايشيائي آئل ريفائنريز 20 کان 30 سيڪڙو تائين پيداوار گهٽائڻ تي غور ڪري رهيون آهن، آبنائي هرمز ۾ جهازن جي اچ وڃ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي، چين ۽ جپان جون سرڪاري ۽ وڏيون ريفائنريز سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيون آهن.
رپورٽ موجب، چين، ڀارت، ڏکڻ ڪوريا ۽ جپان نار ملڪن جي تيل تي تمام گهڻو ڀاڙيندا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نار ملڪن کان ايشيا تائين تيل پهچڻ ۾ عام طور 15 کان 30 ڏينهن لڳن ٿا، جڏهن ته متبادل سپلاءِ آمريڪا، يورپ يا آفريقا کان مهانگي ۽ وقت طلب آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.