اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڏکئي وقت ۾ امت مسلمه پاڻ ۾ وڙهڻ بدران گڏ ٿي صهيونيت جو مقابلو ڪري.
جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سپريم ليڊر خامنه اي سميت ٻين ايراني شهيدن تي تعزيت لاءِ اسلام آباد ۾ قائم ايراني سفارتخاني پهتو.
ايراني سفير رضا اميري مقدم سان ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان سپريم ليڊر خامنه اي جي شهادت تي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا.
هنن خامنه اي جي شهادت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي کليل بربريت قرار ڏيندي ايران تي آمريڪي صهيوني جارحيت جي سخت مذمت ڪئي.
بعد ۾ ميڊيا سان ايراني سفير سان گڏيل ڳالهه ٻولهه ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلامي دنيا کي گڏيل اتحاد جي ضرورت آهي، ڏکئي وقت ۾ ايران سان گڏ بيٺا آهيون، امت مسلمه پاڻ ۾ وڙهڻ بدران صهيونيت جو مقابلو ڪري.
هن چيو ته صهيونيت ۽ يورپ جي ڳٺ جوڙ پهريان فلسطين تي قبضو ڪيو، هاڻي به اتان جا ماڻهو سخت ڇڪتاڻ ۽ ڊگهي جنگ مان گذري رهيا آهن.
مولانا فضل الرحمان چيو ته حماس جي مضبوط حمايت سبب ايران خلاف جنگ جي ٻي قسط شروع ڪئي وئي، ڪِريل قسم جا الزام لڳائي مٿن حملن جو جواز پيش ڪيو پيو وڃي، ايران هن وقت رڳو پنهنجو نه پر فلسطين جو به دفاع ڪري رهيو آهي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسلامي دميا کي گڏيلاتحاد جي ضرورت آهي، آمريڪا انسانيت جو دشمن آهي، انساني قاتل ۽ مجرم جي سربراهي ۾ امن جون ڪوششون امن جي نالي تي چٽو آهن.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي حڪمرانن جي ٽرمپ جهڙي قاتل کان امن جي اميد سواليا نشان آهي.
ان موقعي تي ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو ته پاڪ-ايران لاڳاپن بابت مولانا فضل الرحمان ۽ جي يو آءِ جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، فضل الرحمان جي آمد سان اطمينان ٿيو آهي.
هن چيو ته هي آزمائش جو وقت ضرور آهي پر فتح عالم اسلام جي ٿيندي.