ايراني حملا، اسٽار فٽبالر رونالڊو سعودي ڇڏي ويو

رياض(ويب ڊيسڪ) ايراني حملن کانپوءِ اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو نجي جهاز ۾ رياض کان ميڊرڊ روانو ٿي ويو.
برطانوي اخبار موجب, رونالڊو جو نجي جهاز رات 8 وڳي رياض کان روانو ٿيو ۽ لڳ ڀڳ هڪ وڳي ميڊرڊ پهتو، جڏهن ته فلائيٽ ٽريڪر موجب جهاز مصر ۽ رومي سمنڊ مٿان گذريو.
برطانوي اخبار جو چوڻ آهي ته جهاز جي ماليت لڳ ڀڳ 61 ملين پائونڊ ٻڌائي وئي آهي.
واضح رهي سعودي فٽبال ڪلب النصر جي نمائندگي سبب رونالڊو رياض ۾ پنهنجي گهرواري ۽ پنج ٻارن سان گڏ رهائش پذير آهي.
برطانوي اخبار موجب، خاندان اُڏام ۾ موجود هو يا نه اها تصديق نه ٿي سگهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.