حڪومت افغان طالبان خلاف جاري آپريشڻ غضب لِلحق جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وزير وزير عطا الله تارڙ افغان طالبان خلاف جاري آپريشن غضب لِلحق جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
عطا الله تارڙ موجب، افغان طالبان اتر بلوچستان ۾ قلعه سيف الله، نوشڪي ۽ چمن ضلعن ۾ 16 هنڌن تي زميني حملا ڪيا، بلوچستان ۾ افغان طالبان 25 هنڌن تي پاڪ فوج خلاف فائر ريڊ جون ڪارروائيون ڪيون، جڏهن ته بلوچستان ۾ سمورن هنڌن تي حملن کي اثرائتي نموني ناڪام بڻايو ويو .
سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ افغان طالبان جا 27 ڪاراندا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جڏهن ته وطن جو دفاع ڪندي ايف سي بلوچستان نارٿ جو هڪ جوان شهيد ۽ 5 جوان زخمي ٿيا.
عطا الله تارڙ ٻڌايو ته خيبرپختونخوا ۾ هڪ هنڌ تي زميني حملي جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ صوبي ۾ 12 جاين تي فائر ريڊ ڪيو ويو، جن کي بنا ڪنهن جاني نقصان جي ناڪام بڻايو ويو، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ سڄي رات جاري رهندڙ ڪارروائين دوران افغان طالبان جا 40 ساٿي مارجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.