اسلام آباد(ع آ نيوز) عرب صحافي ۽ تجزئي نگار خالد العينا چيو آهي ته ايران تي حملو ۽ خطي جي صورتحال بگاڙڻ ۾ نيتن ياهو جي سازش اهي ته ايراني ڊرون حملا به مسئلا پيدا پيا ڪن. شاهزيب خانزادي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خالد العينا چيو ته نيتن ياهو نه ٿو چاهي ته عرب خطو ترقي ڪري. هن چيو ته نار جا ملڪ سفارتي ڪوششون ڪن پيا پر ايراني حملا رنڊڪ پيا بڻجن، راس الخيما ۽ ٻين هنڌن تي تيل رفائنرين تي حملا ڪرڻ جي ڪهڙي رورت آهي. هن چيو ته اسرائيلي ۽ آمريڪي حملا هڪ وڏي مهم جو بنياد بڻجڻ لاءِ ڪيا ويا آهن.