آمريڪي فوجين تي ايران جي پهرين حملي بابت ڄاڻ نه هئي: پينٽاگون

واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪي دفاعي اداري پينٽاگون جو چوڻ آهي ته ايران جي آمريڪي فوجن تي پهرين حملي بابت ڪا به  انٽيليجنس رپورٽ نه هئي. وائيٽ هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پينٽاگون جي عملدارن سينيٽ ۽ هائوس آف ريپريزنٽيٽوز ڪميٽين کي 90 منٽن کان وڌيڪ وقت تائين بريفنگ ڏني، جنهن دوران انهن کي ايران تي آمريڪي حملي بابت آگاهه ڪيو ويو. ان حوالي سان هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي چيو ته پينٽاگون بريفنگ کان واقف ٻن ماڻهن پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي نيوز ايجنسي سان ڳالهايو، جنهن ۾ انهن اعتراف ڪيو ته ايران طرفان ممڪن طور تي اڳڀرائي حملي بابت ڪا به انٽيليجنس رپورٽ نه هئي. رپورٽ موجب، بريفنگ ۾ ايران جي ميزائل پروگرام ۽ علائقي ۾ ان جي سپورٽ گروپن کي آمريڪي مفادن لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.