آمريڪا تي بي اعتمادي، فرانس جو يورپي دفاعي نظام هجڻ تي زور

پيرس (م ڊ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن فرانس جي مفادن کي خطرو پهتو ته هو بغير ڪيٻائڻ جي ائٽمي هٿيارنجي استعمال جو حڪم ڏيندو. اتر-اولهه فرانس ۾ هڪ بيلسٽڪ ميزائل آبدوز جي اڏي تي خطاب ڪندي 48 سالن جي ميڪرون پنهنجي ائٽمي هٿيارن جي انگ ۾ واڌ جو حڪم ڏنو آهي. ميڪرون اعلان ڪيو ته هاڻي فرانس پنهنجي ائٽمي وار هيڊز جو اصل انگ ظاهر نه ڪندو. ياد رهي ته اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ  جي انگن اکرن موجب فرانس وٽ هن وقت لڳ ڀڳ 290 ائٽمي وار هيڊز آهن. ميڪرون تجويز ڏني آهي ته آمريڪي ائٽمي دفاعي نظام سان گڏ هڪ يورپي ائٽمي دفاعي نظام پڻ هجڻ گهرجي. هن چيو ته برطانيا، جرمني، پولينڊ، سويڊن ۽ بيلجيئم سميت 8 ملڪن ان ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. هي بيان هڪ اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن ايران، آمريڪا-اسرائيل جنگ ۽ يوڪرين-روس تڪرار سبب عالمي ڇڪتاڻ عروج تي آهي. روس پڻ تازو برطانيا ۽ جرمني خلاف ائٽمي هٿيارن جي استعمال جي ڌمڪي ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.