هاڪي ورلڊ ڪپ ڪواليفائر: پاڪستان ملائيشيا کي هارائي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

قاهرا (ويب ڊيسڪ)پاڪستان هاڪي ٽيم ايف آءِ ايڇ مينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر رائونڊ جي ٻي ميچ ۾ ملائشيا کي 3-5 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي.
پهرين کان ست مارچ تائين جاري رهندڙ ايف آءِ ايڇ مينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز رائونڊ جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان ملائشيا کي 3-5 تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
پاڪستان طرفان راڻا وحيد اشرف، ذڪريا حيات، احمد نديم، محمد سفيان خان ۽ محمد عمار هڪ هڪ گول اسڪور ڪيو، جڏهن ته ملائشيا طرفان عبدالروئوف، احڪم الله ۽ فطري ساري هڪ هڪ گول اسڪور ڪيو.
پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي در محي الدين واني، ايڊهاڪ گورننس اينڊ مئنيجمينٽ چيئرمين اولمپين صلاح الدين صديقي ۽ ٻين ورلڊ ڪواليفائرز رائونڊ جي ٻي ميچ ۾ فتح تي قومي ٽيم کي مبارڪباد ڏني.
پاڪستان هاڪي ٽيم ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز رائونڊ جي ٽين ميچ 4 مارچ تي آسٽريا خلاف کيڏندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.