واٽس ايپ اسٽيٽس ونڊڻ وارن جي ٻڌي ورتي، اهم فيچر اچي ويو

جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ اپيليڪيشن واٽس ايپ ۾ اسٽيٽس اپڊيٽس بابت هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ محدود علائقن ۾ هي نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي.
هن فيچر ذريعي واهپيدارن اهڙن ماڻهن سان به اسٽيٽس شيئر ڪري سگهندا، جيڪي سندن ڪانٽيڪٽيس/رابطن واري فهرست ۾ ته شامل نه هوندا، پر هو ساڻن اڳ ۾ چيٽ ڪري چڪا هوندا.
يعني اهڙا ماڻهو جن کي تازو ميسيج ڪيو ويو هجي يا ڪال ڪئي هجي، پر سندن نمبر ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ محفوظ نه ڪيو ويو هجي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪجهه عرصو اڳ اينڊرائيڊ ڊيوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ اسٽيٽس اپڊيٽس لاءِ ”ڪلوز فرينڊز“ فيچر پڻ سامهون آيو هو.
هن فيچر ذريعي واهپيدار مخصوص ماڻهن تائين ئي اسٽيٽس شيئر ڪري سگهندا.
هي فيچر اڃا تياري هيٺ آهي، پر ان سان گڏوگڏ واٽس ايپ اسٽيٽس اپڊيٽس کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ واري سهولت به فراهم ڪري ڇڏي آهي.
هينئر تائين اسٽيٽس رڳو اُهي ماڻهو ڏسي سگهندا هئا، جيڪي ڪنهن واهپيدار جي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ شامل هوندا هئا، پر پرائيويسي سيٽنگز ۾ نيون تبديليون ڪيون پيون وڃن.
رپورٽ موجب، نئين فيچر ذريعي اوهان اسٽيٽس اهڙن ماڻهن سان به ونڊي سگهندئو، جيڪي رابطن واري فهرست ۾ شامل نه هوندا، پر ماضي ۾ انهن سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي هوندي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اينڊرائيڊ، آءِ او ايس ۽ ويب ورزن ۾ فيچر جي آزمائش محدود علائقن ۾ جاري آهي، جڏهن ته اڃا اهو واضح ناهي ڪيو ويو تي هي فيچر سمورن واهپيدارن لاءِ ڪيستائين متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.