ايران جي ملٽري ۽ سياسي قيادت ختم ڪري ڇڏي، پاسداران انقلاب هٿيار ڦٽا ڪري: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جاري فوجي ڪارروائين بابت دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ايران جي 48 اهم سياسي ۽ ملٽري شخصيتن کي ماري ڇڏيو آهي ۽ ايراني قيادت کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي.
پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايراني پاسداران انقلاب هٿيار ڦٽا ڪن، ڇو ته آمريڪا پنهنجا مقصد حاصل ٿيڻ تائين فوجي ڪارروائي جاري رکندو.
هن دعويٰ ڪئي ته فوجي اثاثن، فضائي دفاعي نظام ۽ 9 بحري جهازن کي به نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته آيت الله خامنه اي سميت ايران جا اعليٰ ڪمانڊر به مارجي چڪا آهن.
سندس اهو به چوڻ هو ته ايران وڏو ۽ مضبوط ملڪ آهي پر جنگ کانپوءِ اتي جمهوريت قائم ٿيندي ۽ ڪيتريون ئي هاڪاري تبديليون اينديون.
ٽرمپ چيو ته ڪنهن شئي جي ڳڻتي ناهي، سڀ ڪجهه ٺيڪ پيو هلي، گڏوگڏ هن تصديق ڪئي ته ايران خلاف ڪارروائين دوران 3 آمريڪي فوجي به مارجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.