پئرس(ويب ڊيسڪ) توهان ڪيئي سمارٽ فون ڏٺا هوندا، پر اهڙو فون ڪڏهن نه ڏٺو هوندو جهڙو هڪ چيني ڪمپني ”آنر“ طرفان تيار ڪيو آهي، هي دنيا جو پهريون روبوٽ فون آهي، جنهن کي ڪمپني باضابطا طور متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
اسپين ۾ جاري موبائل ورلڊ ڪانگريس جي موقعي تي اِهو فون پيش ڪيو ويو.
ڪمپني طرفان فون جي پهرين جھلڪ آڪٽوبر 2025 ۾ جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ هڪ انوکو گيمبل ميڪينزم موجود آهي، يعني فڪس ريئر ڪئميرا بدران هن ۾ هڪ هٿ لڪل آهي، جيڪو ڊوائيس جي پٺيان کان ٻاهر نڪري ٿو.
هي هٿ پرائمري ڪئميرا کي 360 ڊگري ۾ تصويرون يا وڊيو رڪارڊ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو، يعني لائيو اسٽرمنگ يا ڪنهن به هنڌ کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ بهترين آهي.
اِهو گيمبل ميڪينزم ان هٿ کي کاٻي پاسي کان نڪري ساڄي پاسي وڃڻ جي سهولت ڏئي ٿو، دنيا جو پهريون روبوٽ فون، جنهن جو ڪئميرا سسٽم حيران ڪندڙ آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته هي فون هلندڙ سال جي ٻي ڇهه ماهي دوران وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته قيمت ۽ ٻين فيچرز بابت تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.
ڪمپني طرفان اهو ضرور ٻڌايو ويو آهي ته فون ۾ اسٽار ٽريڪنگ موڊ موجود آهي، جڏهن ته ڪئميرا کي سيلفي وٺڻ يا وڊيو ڪالز لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ان کانسواءِ ان فون جي پٺيان ٻه وڌيڪ ڪئميرا پڻ موجود آهن، جيڪي عام سمارٽ فونز وانگر فوٽوز يا وڊيوز لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا.
You might also like