دبئي (ويب ڊيسڪ) ايران اسرائيل جنگ سبب ڀارتي اداڪارا سونل چوهاڻ دبئي ايئرپورٽ تي ڦاسي پئي آهي.
ايران طرفان دبئي ايئرپورٽ تي ميزائل حملي کانپوءِ سموريون اڏامون روڪي ويون آهن، جنهن سبب دبئي ۾ موجود ڪيترائي ماڻهو سخت پريشاني ۾ وڪوڙيل آهن.
ان صورتحال ۾ بالي ووڊ اداڪارا سونل چوهاڻ دبئي ايئرپورٽ تي ڦاسي پئي آهي، جنهن سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي ڀارتي حڪومت کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.
اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو” محترم وزيراعظم نريندر مودي، مان هن وقت دبئي ۾ جاري بحران سبب ڦاسي پئي آهيان، اڏامون رد ٿي ويون آهن ۽ ڀارت واپس اچڻ جو ڪو واضح رستو ناهي، مان حڪومت کان محفوظ سفر لاءِ رهنمائي جي درخواست ڪريان ٿي ۽ مدد لاءِ شڪرگذار رهنديس.“
واضح رهي ته ايران جي جوابي ڪارروائي کانپوءِ دبئي انٽرنيشنل ۽ آل مڪتوم انٽرنيشنل (ڊي ڊبليو سي) جهڙا دنيا جا مصروف ترين هوائي اڏا اڻڄاتل مدي لاءِ بند ڪيا ويا آهن.
Prev Post
You might also like