لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهِد آفريدي پنهنجي ناٺي فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي سندس بالنگ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
تازو شاهين جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ڪارڪردگي تي شاهِد آفريدي اعتراض ڪندي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ”شاهين ايتري عرصي کان کيڏي رهيو آهي، توکي اهو به نٿو سمجهه ۾ اچي ته آخري اوور ڪهڙي پاسي کان ڪرائڻو آهي، ڪيترائي ڀيرا شاهين کي چئي چڪو آهيان.“
اڳوڻي ڪپتان چيو ته “ڪيترائي ڀيرا سمجهائڻ باوجود شاهين بار بار غلطيون ورجائي رهيو آهي، جڏهن رائيٽ هينڊر کيڏي رهيو هجي ته رائونڊ دا وڪيٽ بالنگ نه ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪئي به وڃي ته وڪيٽن جي اندر ڪئي ويندي.“
شاهِد آفريدي وڌيڪ چيو ته سمجهه کان ٻاهر آهي ته هو بار بار ساڳي غلطي ڪري رهيو آهي، اسان جي بالرن کي خبر ناهي اهي ڳالهيون ڪڏهن سمجهه ۾ اينديون.“
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته ” نه هي ماڻهو سکي رهيا آهن، نه سکڻ چاهين ٿا، هي رانديگر نه رنسون ڪرڻ چاهين ٿا، هو سمجهن ٿا ته ميچ ۾ رڳو هڪ يا ٻن ماڻهن جي ذميواري هوندي آهي.“
هن چيو ته ”اسان تمام گهڻو پوئتي آهيون، اسان جي سوچ دنيا جي ڪرڪيٽ کان گهڻو پوئتي آهي.“
You might also like