لبناني حڪومت جي حزب الله تي پابندي، هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مطالبو

بيروت (ويب ڊيسڪ) لبناني حڪومت مزاحمتي تنظيم حزب الله جي عسڪري ۽ سيڪيورٽي سرگرمين تي فوري پابندي لاڳو ڪندي تنظيم کان پنهنجا هٿيار رياست حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
لبناني وزيراعظم نواف سلام سومر ڏينهن اعلان ڪيو ته حزب الله جي سڀني سيڪيورٽي ۽ عسڪري سرگرمين تي فوري پابندي لڳائي پئي وڃي ۽ کين غير قانوني قرار ڏنو پيو وڃي.
هن حزب الله کان مطالبو ڪيو ته هو پنهنجا هٿيار رياست حوالي ڪري.
واضح رهي ته هي فيصلو اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن حزب الله طرفان اسرائيل تي راڪيٽ حملا ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ اسرائيل به لبنان تي حملا ڪيا.
ٻئي پاسي اسرائيلي بچاءَ واري وزير يسرائيل ڪاتز دعويٰ ڪئي آهي ته حزب الله جي سربراهه نعيم قاسم اسرائيلي حملي جو نشانو بڻايو ويو آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ” وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو ۽ مون اسرائيلي فوج کي حزب الله خلاف طاقت سان ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.“
ان کان اڳ اسرائيلي ڊفنيس فورسز طرفان دعويٰ ڪئي هئي ته انهن بيروت ۾ حزب الله جي هڪ اڳواڻ کي نهايت درستگي سان نشانو بڻايو ويو آهي.
آءِ ڊي ايف بيروت سميت لبنان جي مختلف علائقن ۾ حزب الله جي ٿاڪن تي حملا ڪيا.

لبنان ۾ زميني ڪارروائي سميت سڀئي آپشنز غور هيٺ: اسرائيلي فوج
هوڏانهن اسرائيلي فوج جي ترجمان بيروت ۽ اتر سرحد تي تازن چڪرين کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته لبنان ۾ زميني ڪارروائي بابت سمورا آپشنز غور هيٺ آهن.
هن چيو ته حزب الله اسرائيل تي حملي جي ڳري قيمت ادا ڪندي ۽ اسان مڪمل طور تي تيار آهيون.
ترجمان موجب، اٽڪل هڪ لک ريزرو فوجي، درجنين بٽالين، بريگيڊ ۽ ڊويزنز اتر سرحد جي دفاع لاءِ متحرڪ ڪيا ويا آهن ۽ فوج هر ممڪن صورتحال لاءِ تيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.