ويانا(ويب ڊيسڪ)آءِ اَي اِي اَي جي سربراهه رافيل گراسي چيو آهي ته هنيئر تائين ڪنهن به ايراني جوهري ٿاڪ کي نشانو بڻائڻ يا نقصان پهچائڻ جو اطلاع نه مليو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، آءِ اي اي اي جو هنگامي اجلاس آسٽريا جي راڄڌاني ويانا ۾ ٿيو، جتي ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ واري صورتحال تي غور ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، اجلاس کي خطاب ڪندي آءِ اي اي اي جي سربراهه رافيل گراسي چيو ته هينئر تائين ڪنهن به ايراني جوهري ٿاڪ کي نشانو بڻائڻ يا نقصان پهچڻ جو اطلاع ناهي مليو.
هن چيو ته ايراني نيوڪليئر اٿارٽي سان رابطي جون ڪوششون جاري آهن، پر ڪو به جواب ناهي مليو، اميد آهي ته ايران سان ڳالهه ٻولهه جو چينل جلد کان جلد بحال ٿي ويندو.
رافيل گراسي ڌرين کان صبر جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته سمورن ملٽري آپريشنز دوران احتياط سان ڪم ورتو وڃي.
عالمي جوهري اداري ۾ ايراني نمائندي کان سوال ڪيو ويو ته ايران ۾ ڪهڙي جوهري ٿاڪ تي حملو ٿيو؟
جهن تي ايراني نمائندي وراڻيو ته ايران ۾ جوهري ٿاڪ نطنز تي حملو ٿيو آهي.