سخت سڪيورٽي باوجود آيت الله خامنه اي جي شهادت بابت حيران ڪندڙ انڪشاف

تھران (م ڊ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنا اي جي سيڪيورٽي بابت هڪ رپورٽ سامهون آئي آهي، جنهن موجب غير معمولي حفاظتي انتظامن باوجود کيس نشانو بڻايو ويو. رپورٽ موجب سيڪيورٽي ايتري سخت هئي جو علي لاريجاني سميت اعليٰ اختيارين کي به سپريم ليڊر سان ملاقات لاءِ اکين تي پٽيون ٻڌي ڳجهي هنڌ تي نيو ويندو هو ته جيئن مقام جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. خامنا اي تهران ۾ هڪ پيچيده سرنگهن واري نظام ۽ زيرِ زمين بنڪر ۾ منتقل ٿي ويو هو، جتي پهچڻ انتهائي ڏکيو سمجهيو ويندو هو. آمريڪي ڳجها ادارا ڪيترن ئي مهينن کان نگراني ڪري رهيا هئا. جون 2025ع ۾ ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته کيس خامنا اي جو مقام خبر آهي پر هو کيس هن وقت نشانو نه بڻائيندو. مبصرن موجب ايتري سختي باوجود معلومات جو اندروني طور ظاهر ٿيڻ وڏو سوال آهي. ڇنڇر جي صبح جڏهن خامنا اي هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، تڏهن نشانو بڻائيندڙن وٽ مقام جي بلڪل درست معلومات موجود هئي. جديد ٽيڪنالاجي ۽ ٻاهرين انٽيليجنس نيٽ ورڪ ايران جي غير معمولي سيڪيورٽي ۽ زيرِ زمين پناهگاهن کي بي اثر ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.