ڪراچي(رپورٽر)شيعا عالم علامه شهنشاهه نقوي ايران جي سپريم ڪمانڊر علي خامنه اي جي شهادت تي امتِ مسلمه جي غم جي تناظر ۾ هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو ۽ پاڪستاني عوام کان پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي۔هن چيو ته پاڪستان جي زمين هن وقت عالمي ۽ خاص طور تي صيهوني سازشن جي ڪري بدامني جو شڪار آهي، ۽ اسان جي سرحدن تي مسئلا ۽ ملڪ ۾ دهشتگردي جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي رهيا آهن۔علامه نقوي اپيل ڪئي ته هن شهادت جي موقع تي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪربلا جي غم کي ذهن ۾ رکندي ڪيو وڃي۔ هن آمريڪي قونصليٽ ڪراچي جي ٻاهر احتجاج بابت خبرون ڏک ڏيندڙ قرار ڏنيون ۽ عوام کان اپيل ڪئي ته اتحاد کي مضبوط ڪندي هن غم جو اظهار غمِ حسينؓ جي صورت ۾ ڪن.