ايراني قوم ڄاڻي ٿي ته کيس ڇا ڪرڻو آهي: خامنه اي جو آخري پيغام

تهران(م ڊ) ايراني ميڊيا اسرائيلي ۽ آمريڪي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ آيت الله سيد علي حسيني خامنه اي جو آخري پيغام سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو.ايراني ميڊيا موجب، آيت الله خامنه اي چيو هو ته ايراني قوم پنهنجي اسلامي سبقن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿي، اها ڄاڻي ٿي ته ڇا ڪرڻو آهي. ايراني ميڊيا حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي پوٽي امام حسين عليه السلام جي لفظن جو حوالو پڻ ڏنو ته امام حسين عليه السلام چيو هو ته مون جهڙو ڪو به يزيد جهڙي شخص جي بيعت نٿو ڪري سگهي.ياد رهي ته ايران جي سرڪاري ميڊيا آيت الله علي خامنه اي جي شهادت جي تصديق ڪئي ۽ ملڪ ۾ 7 ڏينهن جي موڪل ۽ 40 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، ايران جي سپريم ليڊر جي ڌيءَ، ناٺي ۽ پوٽي پڻ شهيد ٿي ويا. ان  کان علاوه، آيت الله خامنه اي جي اعليٰ صلاحڪار، دفاع واري وزير ۽ انقلابي گارڊز جي سربراهه علي شمخاني پڻ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.