”را، موساد ۽ سي آءِ اي جو ڳٺ جوڙ ثابت ٿي ويو، پاڪستاني قيادت واقف آهي“

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)رٽائرڊ جنرل نعيم خالد لوڌي چيو آهي ته صورتحال ايتري خراب ٿي وئي آهي جو رمضان جي مهيني ۾ ٻه مسلمان ملڪ هڪ ٻئي جو رت وهائي رهيا آهن، هي مڪمل ٽرائي اينگل آهي موساد، را ۽ سي آءِ اي جو، جنهن ۾ ڪنهن به شڪ جوڳي ڳالهه ناهي،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته  ايندڙ ڏينهن يا هفتن ۾ شايد پاڪستان اندر اهڙا دٻاءُ وڌن، اميد آهي ته اسان جي اصل توجهه اتي آهي.جيڪو ڪجهه اسان عبادت ۽ اسلام سان ڪري رهيا آهيون، اهو ته ڪجهه به نه آهي؛ اهو اسان جي طاقت جو تمام ننڍڙو حصو آهي. توهان سمجھو ته ايران، پاڪستان، افغانستان ۽ وچ اوڀر سڄو علائقو شايد جنگ ۾ اچي سگهي ٿو،جيڪڏهن جنگ ٿيندي، ته اها تمام وڏي ۽ شايد ڊگهي به هلندي،هن چيو ته جيئن ٽرمپ جون تعريفون فيڪ هيون، اسان جون جوابيون به شايد فيڪ هيون، جيئن ٿورو وقت خريد ڪريون ۽ پنهنجا معاملا سنڀالي سگهون.جنگ جي شروعات کان اڳ، پاڪستان ۽ افغانستان جون  سرحدون ڇڪتاڻ سٽيل ٿي ويون، ڇو ته اسان افغانستان جي صورتحال کان واقف آهيون. پاڪستان کي پنهنجي فوج سان گڏ رهڻو آهي هر حالت ۾، ڇو ته جڏهن کلي جنگ جو اعلان ڪيو ويو آهي، دفاع کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن نه رهي هن چيو ته افغانستان ۾ جيڪي سرگرميون ٿي رهيون آهن، اهي پوري طرح  سمجهي سگهجن ٿيون پاڪستان جي فوج پنهنجي زميني ۽ فضائي طاقت سان بهترين نشانو هڻي رهي آهي. دشمن جيڪي اميد رکيا هئا ته پاڪستان افغانستان ۾ داخل ٿيندو، اهي ناڪام ٿيا.ايران، پاڪستان، افغانستان ۽ وچ اوڀر سڄو علائقو جنگ ۾ اچي سگهي ٿو، ۽ موجوده صورتحال انهيءَ ڳالهه کي اجاگر ڪري ٿي. اسان جي فوج مضبوط، تربيت يافته ۽ مڃيل آهي، پر دشمنن جي پراڪسي حملن جو خدشو رهي ٿو.پاڪستان جي قيادت مڪمل طور صورتحال کي سمجهي رهي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اصل معاملا واضح ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.