تل ابيب (ويب ڊيسڪ) والاريل بيت المقدس ڀرسان بيت شمش ۾ ايراني ميزائل حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 23 زخمي ٿي پيا.
اسرائيلي ميڊيا موجب مقامي پوليس جي سربراهه ٻڌايو ته اڄ بيت شمش ۾ ايراني ميزائل حملي ۾ مارجي ويلن جي اڪثريت ان وقت هڪ عوامي بم شيلٽر ۾ موجود هئي.
اختيارين موجب امڪان آهي ته ميزائل سڌي ريت پناهه گاهه تي ڪريو.
هوڏانهن اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ان جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته ايراني ميزائل کي ڇو نه روڪيو ويو.
Prev Post
حملن ۾ شدت نه آڻيو نه ته اهڙي ڪارروائي ڪنداسين جيڪا اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺي وئي: ٽرمپ جي ايران کي تنبيهه
Next Post
You might also like