ثانيا کي طلاق ۽ ثنا سان شادي وارو معاملو، شعيب ملڪ ذاتي زندگي ۾ مداخلت ڪندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ پنهنجي ذاتي زندگي بابت هلندڙ افواهن ۽ الزامن تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شعيب ملڪ چيو ته 2023ع جي شروعات ۾ سندس پهرين شادي گڏيل رضامندي سان ختم ٿي ۽ ٻنهي فيصلو ڪيو ته هو پنهنجي پٽ جي گڏيل پرورش جاري رکندا، ان کانپوءِ هن ٻي شادي ڪئي.
شعيب ملڪ چيو ته هو هميشه پنهنجي نجي زندگي کي خاندان جي احترام خاطر ذاتي رکڻ چاهيو آهي، پر سندس خاموشي کي غلط سمجهيو ويو.
هن الزام لڳايو ته ٻي شادي کانپوءِ ڪجهه ماڻهن کيس اهڙن فردن سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جن سان هن ڪڏهن ملاقات به ناهي ڪئي ۽ سندس گهرواري بابت به ناڪاري تبصرا ڪيا ويا، جيڪي سندس لاءِ قبول ڪرڻ جوڳا ناهن.
هن چيو ته سندس پٽ هاڻي اهڙي عمر ۾ آهي جتي هو اهي بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون ڳالهيون پڙهي سگهي ٿو، جيڪي رڳو ويوز ۽ مال ميڙڻ لاءِ پکيڙيون پيون وڃن، جنهن سبب سندس پيارن کي تڪليف پهچي رهي آهي.
شعيب ملڪ عوام کان اپيل ڪئي ته هو سندس ذاتي زندگي يا ڪنهن جي به ذاتي معاملن بابت غلط ڄاڻ پکيڙڻ کان پاسو ڪن.
هن چيو ته عوامي شخصيت هئڻ طور هو تنقيد کي سمجهي ٿو، پر ذاتي زندگي ۾ مداخلت ۽ ساک کي ڇيهو رسائڻ حد کان وڌي وڃڻ برابر آهي.
هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اهڙيون حرڪتون بند نه ڪيون ويون ته سندس ٽيم لاڳاپيل فردن ۽ ادارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.