ڇا شگر جا مريض پپيتو کائي سگهن ٿا؟ ماهرن مسئلو حل ڪري ڇڏيو

پپيتو انهن ميون مان هڪ آهي، جيڪي هر موسم ۾ دستياب هوندا آهن، ان مٺي پپيتي ۾ ڪيترائي غذائي جزا موجود هوندا آهن، اهو وٽامن اَي، سي، اِي، فوليٽ، ميگنيشيم، پوٽاشيم، ڪاپر ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هوندو آهي، جيڪي اسان جي جسم لاءِ سٺا آهن پر ڇا شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار ماڻهو پپيتو کائي سگهي ٿو؟ ان حوالي سان طبي ماهرن جي راءِ ڄاڻيو.
ماهرن موجب شگر جي مرض ۾ مبتلا ماڻهو پپيتو کائي سگهن ٿا پر ڪجهه احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پپيتي ۾ گليسيمڪ انڊيڪس وچئين درجي جو هوندو آهي ۽ اهو کائڻ سان بلڊ شگر جي سطح ٻين گليسيمڪ ميون جي ڀيٽ ۾ تڪڙي ناهي وڌندي، جڏهن ته پپيتي ۾ موجود فليوونائڊز انسولين جي حساسيت کي بهتر بڻائيندا آهن ۽ رت ۾ شگر جي سطح کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن.
پپيتو رڳو شگر جي مريضن لاءِ نه پر هاءِ بلڊ پريشر ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ به سٺو سمجهيو ويندو آهي، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته پپيتو پوٽاشيم سان ڀرپور هوندو آهي، جيڪو جسم مان واڌو سوڊيم کي ڪڍي هاءِ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي اهو مشورو ڏنو ويندو آهي ته ان کي وڌيڪ نه کائو، صحت تي ناڪاري اثر پئجي سگهي ٿو.
ان کانسواءِ شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جي مريضن کي پپيتو کائڻ کان اڳ ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ جو چيو ويندو آهي ته جيئن خبر پئي ته توهان جي شگر ۽ بلڊ پريشر جي سطح ڪيتري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.