تهران (ويب ڊيسڪ) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملن جا خوفناڪ تفصيل سامهون اچي ويا، جنهن ۾ ڇوڪرين جي هڪ اسڪول تي بمباري جي خبر سڀني کي ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
ايراني ميڊيا موجب حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 51 ڄڻا مارجي ويا ۽ تقريبن 60 زخمي ٿيا آهن، جن ۾ شاگردياڻيون ۽ اسڪول جو عملو شامل آهي، حملي وقت اسڪول ۾ تقريبن 170 شاگردياڻيون موجود هيون.
ايراني اختيارين مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، ڇو ته ملبي مان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروائيون جاري آهن.
You might also like